ڄام مراد علي جوکيو

ڄام مراد علي جوکيو: ڄام مراد علي ولد ڄام بجار سگهڙ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ ملير جي ڄامن مان هو ۽ ڄام بجار جو پٽ هو. جـڏهـن ڄام مراد علي ننڍو هو ته سينگار شاعريءَ جو سلسلو لسٻيلي مان هليو ۽ ملير ۽ ساڪري جي شاعرن ۽ سگهڙن وٽ پهتو. ڄام مراد علي، ڪبير شاهه ۽ شيخ ابراهيم ساڳئي وقت جا شاعر هئا. هن خاندان ۾ ڄام مراد عـلي ٻيو، سـندس پـٽ ڄـام مـهـر عـلي ٻيو، ۽ ڄـام غـلام الله به سُگهڙ ۽ شـاعـر ٿي گذريا.
ڄام مراد علي جي شاعريءَ جو نمونو هن ريت آهي:
وڍي وڍي وڻراهه، آءٌ ڪوڙين قلم جوڙيان،
ڌرتي ڌَر ڪاغذ ڪري لکان لالڻ لاءِ،
مس جو مراد علي چئي سمندر پاڻي پاءِ،
ته به ساجن ڳڻ سندياءَ، آءٌ قلم چاڙهيان ڪيترا


هن صفحي کي شيئر ڪريو